اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني قانونساز ادارن جي بالادستي ۽ کين مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چ??و آهي ته اسپيڪر جو عهدو غيرجانبدار هوندو آهي جيڪو حڪومت، اتحادي پارٽين ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيترو وقت ڏيڻ، تڪرارن جي صورت ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو بااعتماد فورم هوندو آهي، پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين اندر گرفتارين تي ذميوارن خلاف سزائن جو تعين ڪيو ويندو، سمورن اسپيڪرن جي خواهشن آهي ته بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي اعتماد سازي هجي ۽ اختلاف راءِ جي عزت ڪئي وڃي، نئين نسل کي پارليامينٽ سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ وانگر صوبائي اسيمبليون به اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ ۽ انٽرنشپ جي سهولت فراهم ڪنداسين، 18 هين ترميم سان ملڪ ۾ استحڪام آ??و آهي، ننڍن صوبن جي احساس محرومي ختم ٿي آهي، انهن معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آه??. ه?? ٻن ڏينهن واري 18 هين اسپيڪر ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفر??س کي خطاب ڪري رهيا هئا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چ??و ته 18 هين اسپيڪر ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ سمورن اسپيڪرز جو ٿورائتو آهيان هنن نه رڳو وقت ڏنو پر تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان سڀني جي سوچ هڪ آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي، اسان سڀني جو گڏيل بيان جاري ٿي چڪو آهي. اسان عزم ڪ??و ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون صوبائي اسيمبليون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. هن چ??و ته حڪومت عددي نمبرن بدران مخالف ڌر کي ملائي قانونسازي طرف وڃي، اسان جو گڏيل فيصلو آهي ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلي تي ڌيان ڏيون، اسپيڪرز غير جانبدار ٿي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪن. هن چ??و ته تجويزون يا راين بدران سڀني کي گڏجي ويهي ملڪ جي مفادن خاطر پاڪستان جي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته پارلياماني قدر، ضابطه اخلاق هجي جنهن ۾ هڪٻئي کي برداشت ڪندي ٻين کي گڏ کڻي هلون. هن چ??و ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ آئين جي آرٽيڪل 9 اي تحت موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ ذريعي ان معاملي تي بحث ڪيو وڃي ته جيئن بهتر کان بهتر تجويزون اچن. هن چ??و ته دهشتگردي تي اسان ڳالهايو، قانونسازي ڪندي پاليسي قدم کڻڻ سان گڏوگڏ صوبي ۽ مرڪز جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پاڻ ۾ رابطو هج??. ه?? چ??و ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا رولز ۽ پروسيجر هڪجهڙا آهن باقي صوبائي اسيمبلين کي به اهڙا ئي رولز ۽ پروسيجرز ٺاهڻا پوندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چ??و ته ايوان ۾ پارٽي جي چيف وهپ جو اهم ڪردار آهي، دنيا جي بهترين تجربن موجب اسان ان ۾ بهتري آڻڻ جا خواهشمند آهيون ڇاڪاڻ ته پارٽي چيف وهپ ايوان ۾ پنهنجي پارٽي جي حاضري، قانونسازي، ترميمن سميت ٻين معاملن تي مک ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چ??و ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اهڙي ڪميٽي آهي جيڪا عملدرآمد خاص ڪري آڊٽ پيرا جي وصولين تي ڪم ڪري ٿي، قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اربين روپين جو وصوليون ڪرايون آهن. هن صاف لفظن ۾ چ??و ته هي پڌرائي صرف دستاويز تي صحيح جي حد تائين نه رهندي پر ان تي عملدرآمد کي نه رڳو مانيٽر ڪيو ويندو پر تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چ??و ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڀرتين جو نظام شفاف ڪيو و??و آهي، اسان قومي اسيمبلي ۾ ڊيپوٽيشن کي به ختم ڪري ڇڏ??و آهي ۽ ميرٽ تي ڀرتين جو ٽاسڪ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي ڏئي ڇڏ??و آهي، ميرٽ بيسڊ مقرريون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي مان اسپيڪر جي اختيارن کي گهٽ ڪ??و آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ارڙهين اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڌرائي جي مڪمل تائيد ڪندي چ??و آهي ته ارڙهين ترميم سان ملڪ ۾ استحڪام آ??و آهي، ننڍن صوبن جي محرومي ختم ٿي ۽ صوبن جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. ارڙهين ترميم موجب صوبن کي اختيار ڏنا وڃن ها ته اوڀر پاڪستان جهڙو واقعو نه ٿئي ها. هن چ??و ته ايوان ۾ اسان ڊيولوشن ڪميٽي ٺاهي آهي ته جيئن ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ پيش آيل پيچيدگين کي ختم ڪري سگهج??. ه?? چ??و ته اسان جيڪي قدم کنيا آهن انهن جو مقصد سياسي استحڪام آهي، جڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪ??م هوندو ته ان سان معاشي استحڪام ايندو. هن تجويز ڏني ته اسان کي ميثاق معيشت آڻڻو پوندو، ترقي يافته ملڪ به آهن جتي سياسي استحڪام نه آهي پر معاشي استحڪام آهي، مصنوعي ذهانت مان به فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، هن چ??و ته ڳالهيون نه ڪنداسين ته معاملا حل نه ٿيندا، اختلاف راءِ ان وقت تائين جمهوري رهي ٿي جيستائين ملڪ کي نقصان نه پهچائي.
اسپيڪر جو عهدو غير جانبدار هوندو آهي: سردار اياز صادق/ سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم