اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) جي ستين وزارتي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي، اهو اجلاس سيڪا چيئر آذربائيجان جي ميزباني ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ علائقائي تعاون وڌائڻ، امن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايشيا ۾ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل، جامع، تعاون ??ي ٻڌل ۽ پائيدار سلامتي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سي??ا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن خطي جي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سي??ا جي بي پناهه صلاحيت کي اجاگر ڪيو جن ۾ سياسي تڪرارن ۽ مقامي غربت شامل آهي جيڪي گڏيل ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. پاڪستان جي بيان جو هڪ اهم مرڪز اقتصادي انضمام ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائي ٿو. نائب وزيراع??م چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جهڙن رابطن جي قدمن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو جنهن ۾ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سڄي ايشيا ۾ واپار ۽ توانائي جي رابطن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو. هن چيو ته اهي منصوبا علائقائي اقتصادي تعاون ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. بيان موجب پاڪستان سي??ا جو باني ميمبر آهي، ان گهڻ قومي فورم جو مقصد ايشيا ۾ امن، سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي 28 ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ اعتمادسازي کي وڌائڻ آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سيڪا وزارتي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔