اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نمائندگي ڪندي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي پا??ست??ن مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي سيڪريٽري ??طل??عات صديق الفاروق ??ي گهر ويو ۽ وزيراعظم پاران صديق الفاروق جي عيادت ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران صديق الفاروق کي گلدستو پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم کي توهان جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ توهان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ توهان کي جلد مڪمل صحت سان نوازي ۽ توهان اڳ وانگر مسلم ليگ (ن) جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪر??و. ??ينيٽر عرفان صديقي صديق الفاروق ??ي گهرواريءَ ۽ ڌيءَ کي چيو ته اهي صديق الفاروق جي صحت جي حوالي سان آگاهه رکن ۽ ڪنهن به خدمت جي ضرورت هجي ته رابطو ڪن. صديق الفاروق وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن ۽ صحت جي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيندي چيو ته منهنجي پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪ پيش ڪريو ته هن انتهائي مشڪل حالتن ۾ قوم جي ٻيڙي کي سنڀاليو آهي ۽ اڻٿڪ محنت جي ذريعي پا??ست??ن جي معيشت کي بهتري جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. هن سينيٽر عرفان صديقي جي اچڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.
سينيٽر عرفان صديقي پاران صديق الفاروق جي عيادت
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea