اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق روسي هم منصب جي خاص دعوت تي پارلياماني وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دؤري تي روس روانو ٿي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پارلياماني وفد ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر عبدالقادر پٽيل، سيد آغا رفيع الله، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، راڻا محمد حيات خان ۽ شير علي ارباب شامل آهن. دؤري جو مقصد پاڪ- روس ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. اسپيڪر پنهنجي دؤري دوران روسي هم منصب، نائب پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير سميت ٻين اهم شخصيتن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. ملاقاتن ۾ پاڪ- روس ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به غور ڪيو ويندو. ملاقاتن ۾ پارلياماني ??طح تي رابطن کي وڌ??ڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اسپيڪر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم سنگ م??ل ثابت ٿيندو. وفد جي دؤري سان پاڪ- روس ناتن ۾ گڏيل اعتماد ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌ??ڪ هٿي ملندي. پاڪستاني وفد روس ۾ قيام دوران مختلف تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جو به دؤرو ڪندو. پارلياماني وفد جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه ناتا وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ- روس ناتا علائقائي ۽ عالمي ??طح تي انتهائي اهميت جي حامل سمجهيا وڃن ٿا.
قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ 3 ڏينهن جي دؤري تي روس روانو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada