باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلين کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان ??نگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۽ 10 سال اڳ پيرس ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان ??وسمياتي تبديلي کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، دنيا کي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي سربراهي اجلاس جي بهترين انعقاد ت?? مبارڪباد ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلين کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. دنيا جي اڪثر مل??ن کي موسمياتي تبديلين جي من??ي اثرن سبب نقصان درپيش آهي. پاڪستان به ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي من??ن ڏيڻو پيو، 1700 جي لڳ ڀڳ جانين جو نقصان ??يو، ان کانسواءِ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ٻوڏ جي ڪري اسڪولن جون عمارتون ڊهي ويون ۽ پاڪستان کي 30 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ جو نقصان ??يو. وزيراعظم ان ??وقعي تي بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي هڪ شاگرد اڪرام الله کي بطور مثال پيش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ان شاگرد جو ڳوٺ، گهر ۽ اسڪول سڀ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، ان کي پاڪستان حڪومت لارنس ڪاليج مري ۾ بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ان جي زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي من??ي اثرن کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ نقصان ۽ تباهي کي من??ن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم عالمي برادري کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ ان جا واعدا ياد ڏياريندي چيو ته ڪوپ 29 ۾ ڪيل مالياتي واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ??ه ٿا چاهيون ته پاڪستان ??انگر ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي من??ن ڏين. هن چيو ته عالمي ماحولياتي آلودگي ۾ پاڪستان جو حصو 0.5 سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر اسان ان جي ڪري ٿيندڙ تباهين ۽ آف??ن کان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي انصاف کانسواءِ ان صورتحال کي من??ن نه ٿو ڏئي سگهجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ??وسمياتي تبديلي کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، اسان ??يشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پاڪستان ??تبادل توانائي جي ذريعن ۾ سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجي انرجي مڪس ۾ ڪلين سورسز جو حصو 60 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ اڪيلي موسمياتي تبديلين کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم نه ٿا کڻي سگهن، عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. وزيراعظم زور ڏنو ته موسمياتي تبديلين کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيل فنڊز قرض طور نه پر گرانٽ طور ڏنا وڃن ڇو ته اسرندڙ ملڪ انهن قرضن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۾ ڪيل مالي واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 10 سال اڳ پيرس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اسان انهن جي به پوري ٿيڻ جا منتظر آهيون. وزيراعظم چيو ته دنيا هاڻي موسمياتي تبديلين جا سبب ڄاڻي چڪي آهي ۽ ان جا حل به ڳوليا ويا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ??وري قدم کڻون. هن چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:30
محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن