اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) صحافين، ماهرن ۽ شهرين طرفان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس جي رٿجڻ کي شاندار سفارتي ڪاميابي ۽ علائقائي تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ان حوالي سان ??الهائيندي چيو ته اق??صادي تعاون تي شنگهائي تعاون تنظيم جي توجهه علائقائي رابطن ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڪستان جي ويزن مطابق آهي. پرڏيهي معاملن جي ماهر اسد الله خان پي ٽي وي سان ??الهائيندي چيو ته ايس سي او ڪانفرنس علائقائي تعاون، اق??صادي ۽ پُرامن ترقيءَ لاءِ هڪ مثبت سُڃاڻپ قائم ڪئي آهي جنهن سان عالمي معاملن ۾ هڪ مُک ڪردار جي طور تي تنظيم جي ڪردار کي تقويت ملندي. هن ان ??الهه جي تعريف ڪئي ته ايس سي او جي م??مب?? ملڪن تعاون جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪئي جنهن ۾ اق??صادي ترقي، علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي. اسلام آباد جي هڪ شهري محمد اسلم چيو ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي پُرامن بيانيي کي وڌايو پيو وڃي جيڪو هڪ مثبت قومي سُڃاڻپ کي هٿي ڏيڻ آهي. هڪ ٻئي نوجوان ??يو ته پاڪستان جي پُرامن چهري کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي، اهڙو وڻندڙ منظرنامو تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو مثبت عالمي اميج کي هٿي ڏئي ٿو. ڪراچيءَ جي صحافي وقاص باقر چيو ته اق??صادي تعاون ۽ علائقائي سلامتي تي ايس سي او جي توجهه هڪ سٺي تبديلي آهي جيڪا م??مب?? ملڪن کي اهم مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ ٻئي صحافي عبدالرزاق تبصرو ڪندي ٻُڌايو ته هڪ صحافي طور تي مان م??مب?? ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن کان ماڻهن جي مٽاسٽا ۽ ثقافتي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس سي او جي ڪوششن کان پڻ متاثر آهيان. ايريا اسٽڊي سينٽر ??شاور جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ??حمد خان ??يو ته ايس سي او جي ڏکڻ ايشيا ۾ توسيع علائقائي ڀائيوارن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط ڪن ٿا. هڪ شاگرد فيس بڪ تي پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته ايس سي او جي سيڙپڪاري جا قدم پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهن ٿا.
صحافين، ماهرن ۽ شهرين ايس سي او اجلاس جي رٿجڻ کي شاندار سفارتي ڪاميابي ۽ علائقائي تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر