اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آه?? ته احتجاج ۽ شهرن کي بند ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿ?? رهيو آه??، هڙتال يا احتجاج سان معيشت ۽ عوام تي ناڪاري اثر پئج?? رهيا آه??، معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آه??، اهڙي صورت ۾ پاڪستان احتجاج ۽ دهشتگردي کي برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏينداسين. ڪالهه پن??نج?? خاص وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير چيو ته معاشي بهتري لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آه??. اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 10.7 ارب ڊالرن پهچي ويا، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آه??، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿ?? رهي آه??، پرڏيهي سيڙپڪارن جون بقايائون ادا ڪيون ويون آه??، مهانگائيءَ جي شرح 6.9 سيڪڙو جي سطح تي آه?? جيڪا 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح آه?? ۽ پاليسي ريٽ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچ?? رهي آه??. حڪومت بئنڪن کان قرض ۾ گهٽتائي ڪئي آه?? ته جيئن نجي شعبي کي وڌيڪ قرض ملي. هن چيو ته احتجاج سان ملڪي معيشت کي نقصان پهچ?? رهيو آه??، هڪ ڏينهن شهر بند ٿي?? سان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو، ملڪي معيشت کي وڏي محنت سان استحڪام جي سطح تي آندو ويو آه?? ۽ اسان اؤسر طرفان گامزن آه??ون پر هڪ ڏينهن جي هڙتال يا احتجاج سان معيشت ۽ عوامي تي ناڪاري اثر پئج?? رهيا آه??. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان جو دؤرو مڪمل ڪيو آه??، سعودي عرب سان هڪ اهم واپاري وفد پاڪستان اچ?? رهيو آه??، پاڪستان ۾ ايس سي او ڪانفرنس به منعقد ٿ?? رهي آه??. اهي سڀ سٺيون اڳڀرائيون آه??، جڏهن ته احتجاج ۽ دهشتگرديءَ سبب ملڪي معيشت کي مسلسل نقصان پهچ?? رهيو آه??. اسلام آباد ۾ 8 لک ماڻهو گذريل چئن ڏينهن جي احتجاج سبب متاثر ٿيا، جيڪڏهن عوام لاءِ ڳالهه ڪرڻي آه?? ته ميز تي ويهي ڳالهيون ڪريو، دڪانن ۽ مارڪيٽن کي بند ڪرڻ سان گهڻو نقصان ٿ?? رهيو آه??. هن چيو ته ناڻي وزارت جي اڪنامڪ ايڊوائيزري ونگ احتجاج سبب نقصان جو ڪاٿو لڳايو آه??، اهو 190 ارب رپيا روزانو آه??، هن وقت ڪلي جي ڊي پي 124 ٽريلين رپيا آه?? ۽ ان جو بنياد تي ڪاٿو لڳايو ويو آه??. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ چين جي شهرين تي حملو ٿيو، اسان چين جي حڪومت ۽ عوام جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آه??ون. هي آءِ پي پيز جا اهي انجنيئرز هئا جن سان مان ۽ پاور ڊويزن جي وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري قرضن، ميچيورٽي ۽ ٽيرف ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ڪر?? رهيا هئاسين، مان ڀروسي سان چوان ٿو ته هي اهي آءِ پي پيز هئا جن اسان کي چيو هو ته اسان پاڪستان سان گڏ هلنداسين ۽ اهڙو حل ڪڍنداسين جنهن سان چين ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو پهچندو، جن ملڪ جي مدد لاءِ قدم کنيا، مان پرُاميد آه??ان ته اهي معاملا اڳيان وڌندا. هن چيو ته معيشت هلي چڪي آه?? ۽ اسان ايندڙ منزل طرف گامزن آه??ون، ان هوندي احتجاج ۽ دهشتگردي کي برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏينداسين. من??نج?? سڀني کي اپيل آه?? ته ڪنهن اهڙي قدم ۾ حصو نه وٺو جنهن سان معيشت کي نقصان پهچي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀني جو نقصان هوندو، اسان پن??نج?? معاشي حالت کي مضبوط ڪنداسين.
احتجاج ۽ شهرن کي بند ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا