??اه??ر-21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جاين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن فوتين جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايران ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستاني زائرين جي خاندانن ??ي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ خبر سڄي ملڪ کي ڏکوئي ڇڏيو آهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن ??ان گڏ آهيان. هن دعا ڪئي الله تعالي فوت ٿيلن کي ج??ت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي ا??و صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. هن فوتين جي بلند درجن ۽ زخمين جي ج??د صحيتابي لاءِ به دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک