اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته اس??گلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ڪن، اس??گلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اس??گلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سيد محسن نقوي، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزي??اع??م اس??گلنگ جي خلاف قدمن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزي??اع??م چيو ته اس??گلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي قطعي طور تي پاڪستاني معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اس??گلنگ کي روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻ??يو وڃي. اس??گلنگ ۾ ملوث عنصرن ۽ ان جي سهولتڪارن سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽرز جي اس??گلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ضبط ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزي??اع??م چيو ته اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته لاڳاپيل ادارن جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ اس??گلنگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ ٻيا ادارا پاڻ ۾ تعاون وڌيڪ بهتر ڪن. هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ ماڻهن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. اس??گلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. اجلاس کي اس??گلنگ کي روڪڻ ۽ ان جي هيستائين جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌ??يو ويو ته گهرو وزارت جي نگراني ۾ اس??گلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ملڪ گير مهم جاري آهي. پيٽروليم مصنوعات، سگريٽ، موبائيل فون، سون، چانهه، ڪپڙا، ضروري شين، ٽائر ۽ گاڏين جي پرزن جي اس??گلنگ جي خلاف موثر قدم کنيا پيا وڃن. اس??گلنگ کي روڪڻ جي دائري ۾ ضروري شين سان گڏوگڏ ٻين شين کي به شامل ڪيو ويو آهي. يوريا ۽ کنڊ جي اس??گلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ويب پورٽل جاري ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌ??يو ويو ته وزي??اع??م جي هدايت موجب 54 گڏيل چيڪ پوسٽن جو قيام عمل ?? آندو ويو آهي. نان ڪسٽمز گاڏين جي نشاندهي ۽ انهن جي ميپنگ جي لاءِ نظام جاري ڪرڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي. پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جو مسودو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ اس??گلنگ کي روڪڻ جي مهم جي هيستائين جي ڪارروائي جي ڪارڪردگي تي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ شامل 212 اهڙيون شيون جن جي اس??گلنگ جو خطرو هو، جي نشاندهي ڪري ان تي پابندي هنئي وئي آهي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ انشورنس گارنٽي بدران بئنڪ گارنٽي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ضروري شين جي اس??گلنگ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي سان گڏوگڏ پيٽروليم مصنوعات جي اس??گلنگ ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، کنڊ جي اس??گلنگ ۾ 80 سيڪڙو سان گڏوگڏ ٻين روزاني جي استعمال جي شين جي اس??گلنگ ۾ پڻ واضح گهٽتائي ٿي. مالي سال 24 – 2023ع دوران اس??گلنگ جون ڪوششون ناڪام بڻائي ضبط ٿيندڙ شين جي ماليت 106 ارب رپيا آهي. اس??گلنگ کي روڪڻ جي مهم سان ملڪ ۾ ذخيره اندوزي جي رجحان ۾ گهٽتائي آئي. اس??گلنگ ۾ ملي ڀڳت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان پڻ اجلاس کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اس??گلنگ ۾ ملوث عنصرن، ٽرانسپورٽرز ۽ انهن جي سهولتڪارن جي نشاندهي جو عمل تيزي سان جاري آهي. ان حوالي سان نادرا، ايڪسائيز ۽ ٻين ادارن جي ڊيٽا بيس مان به مدد ورتي پئي وڃي.
اسمگلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ڪن، اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس