اسلام آباد- 07 مئي (اي پ?? پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي اس??حڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو، سياسي اس??حڪام معاشي اس??حڪام سان ڳنڍيل آهي، پينشن ريفارمز تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ساليانو خرچن جو وڏو حصو رٽائر ملازمن جي پ??نشن ۾ نڪري ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ ۽ محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وز??ر، اعظم نذير تارڙ چيو ته وز??راعظم شهباز شريف جي هدايت آهي ته حڪومتي سطح تي ٿيندڙ سمورو ڪم عوام سان شيئر ڪيو وڃي، بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا اس??ن جي ايجنڊا جو حصو آهن. معاشي اس??حڪام سياسي اس??حڪام سان ڳنڍيل هوندو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جو مطالبو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي و??اي?? وڃي، وز??راعظم ايف بي آر ۾ سڌارن جي ذميواري کنئي آهي، ايف بي آر جي ريفارمز جي ايجنڊا ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو به آهي ته بجلي جي چوري کي روڪيو وڃي، سڌارن جي حوالي سان وز??راعظم سڀني کان ايف بي آر جي بريفنگز ورتي آهي، 27 سؤ ??رب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن. عدالتن ۾ التوا هيٺ ٽيڪس بابت ڪيسن تي فوري فيصلا ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ ٽيڪس ٽربيونل بابت پهريون قانون پاس ڪيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿا لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته معيشت جي بحاليءَ ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي.
ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش