راولپنڊي-01 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ برطانوي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل (سي جي ايس) سرپيٽرڪ سينڊرز نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڇهين ??اڪستان برطانيه استحڪام ڪانفرنس جي شروعاتي سي??ن کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي شروعاتي سيشن ۾ مقرر سي جي ايس يو جي آرمي جنرل سر رولنڊ والڪر به شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق پاڪ يوڪي استحڪام ڪانفرنس ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تي فليگ شپ ڊائلاگ آهي جيڪو پاڪستان ۽ برطانيه ۾ وقتن بوقتن منعقد ٿيندا رهندا آهن. ان ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر جن ۾ سفارتڪار، دفاعي عملدار، دانشور ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا گڏجي ويهي بهتري لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. موجوده ڪانفرنس ۾ برطانيه جو 30 رڪني وفد 29 اپريل کان 3 مئي تائين ??اڪستان جي دؤري تي آهي، جنهن جي اڳواڻي اسٽينڊنگ جوائنٽ فورس ڪمانڊر ميجر جنرل ٽام بيٽ مين ڪري رهيو هو. ڪانفرنس دوران ٻنهي طرفن جي وفدن عالمي ۽ علائقائي ماحول، قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ استحڪام تي ان جي اثرن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سال ان مباحثي کي ٻه طرفن بجاءِ علائقائي مسئلن تائين ??سعت ڏني وئي آهي ۽ خطي جي ٻنهي ملڪن جي دفاعي عملدارن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ چيف آف آرمي اسٽاف سي جي ايس ۽ مقرر سي جي ايس برطانيه سان ملاقات ڪئي ۽ پيشوراڻه مفاد ۽ ٻه طرفي سهڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ب??ائ?? لاءِ قدم کڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف سي جي ايس برطانيه جي ٻه طرفه فوجي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ سندن خدمتن تي شڪريو ادا ڪيو ۽ مقرر چيف آف جنرل اسٽاف برطانيه آرمي جنرل سر رولنڊ والڪر کي ان جي نامزدگيءَ تي مبارڪون پيش ڪيون.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ برطانوي فوج جي چيف پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڇهين پاڪستان برطانيه استحڪام ڪانفرنس جي شروعاتي سيشن کي خطاب: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا