اسلام ??باد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بهترين آڊٽ طريقا هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ سان شفافيت ۽ مالياتي احتساب وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي ??ري?? ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه آذربائيجان جي چيمبر آف اڪائونٽس جي دوري تي آيل چيئرمين ووگر گل محمدوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) محمد اجمل گوندل ۽ اي جي پي جي عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر ??يو ته پبلڪ سيڪٽر اڪائونٽنگ سرڪاري ادارن جي مالياتي انتظام ??و اهم جز آهي. هن چيو ته آڊٽ سرڪاري خرچن ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي لاءِ اهم آهي. چيئرمين چيمبر آف اڪائونٽس آف آذربائيجان صدر ??ي ٻنهي ملڪن جي سپريم آڊٽ ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت ب??بت ٻڌايو. صدر ??يو ته مفاهمت جي ياداشت سان پبلڪ سيڪٽر آڊيٽنگ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعا??ن ۾ اضافو ٿيندو. هن آذربائيجان جي سپريم آڊٽ اداري جو جائزو وٺڻ ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. چيمبر آف اڪائونٽس آف آذربائيجان جي چيئرمين ووگر گل محمدوف صدر ??ي آذربائيجان جي سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن ۽ سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن آف پاڪستان جي وچ ۾ پبلڪ اڪائونٽس جي جائزه مفاهمت جي ياداشت ب??بت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ايم او يو سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ??يو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان – آذربائيجان لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻو پوندو. صدر ??يو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ افهام ??فهيم ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تعاون خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر 7 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي آذربائيجان جي صدر الهام ??ليوف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania