اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي نئين سر جوڙجڪ، فرسٽ ??وم??ن بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ڊي ريگيوليشن جي حوالي سا?? تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز بورڊ جي ميمبر ۽ چيئرمين جي طور تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي مقرري 29 نومبر 2023ع کان لاڳو هوندي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ميجر عابد منصور خان جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سعودي عرب جي دفاع واري وزارت پاران ”نوت شجاعت“ ۽ ”نوت شرف“ جو ايوارڊ، پرڏيهي وزارت جي سفارش تي محمد اشرف خان، پروٽوڪول آفيسر جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ آسٽريا جي حڪومت پاران گولڊ ميڊل ۽ پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ايئر ڪموڊور سيد عمران علي جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستاني سفارتخاني ٽوڪيو ۾ بطور ڊفينس اتاشي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڊفينس ڪوآپريشن ايوارڊ فرسٽ ڪلاس جو ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش ۽ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي تجويز تي پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ انهن عدالتن جي ججن جي مقرري جي حوالي سا?? چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي تجويز منظور منظور ڪئي وئي آهي. باقي رهيل عدالتون احتساب عدالتن طور ڪم ڪنديون رهنديون. انهن تبديلين سا?? قومي خزاني تي ڪو اضافي بار نه پوندو. وفاقي ڪابينا نجڪاري ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته پي آءِ اي گذريل ڪيترن ئي سا??ن کان خساري ۾ آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ??يو ته ڪابينا جي گذريل اجلاسن ۾ پي آءِ اي جي مالي ۽ انتظامي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ فنانشل ايڊوائيزر جي مقرري جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ??يو ته فنانشل ايڊوائيزر پاران عالمي مثالن کي نظر ۾ رکندي پي آءِ اي جي مالياتي نئين سر تنظيم سازي جو منصوبو جوڙيو ??يو ??نه?? تحت پي آءِ اي کي ٻن ڪمپنين ٽاپ – ڪو ۽ هولڊ – ڪو ۾ ورهايو ??يندو. پي آءِ اي جي بنيادي آپريشنز انجنيئرنگ، گرائونڊ هينڊلنگ، ڪارگو، فلائيٽ ڪچن ۽ ٽريننگ کي ٽاپ – ڪو ۾ شامل ڪيو ??يندو جڏهن ته ٻيا ادارا جهڙوڪ پريسيزن انجنيئرنگ ڪمپليڪس، پي آءِ اي انوسٽمينٽ لميٽڊ ۽ ٻين ذيلي ادارن ۽ پراپرٽيز کي هولڊ – ڪو ۾ شامل ڪيو ??يندو. انهن قدمن سا?? سيڙپڪارن کي پي آءِ اي طرف راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي کي حڪومتي ملڪيتي ادارن جي پي آءِ اي تي حل طلب رقم جي حوالي سا?? معاملا جلد اڪلائڻ جي هدايت پڻ ڏني. وفاقي ڪابينا نجڪاري واري وزارت جي سفارش تي فرسٽ ??وم??ن بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي انهن دوائن جي قيمتن جي ڊي – ريگيوليشن جي حوالي سا?? تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪي انتهائي ضروري دوائن جي نيشنل لسٽ ۾ شامل نه آهن. انهن تجويزن تحت نيشنل لسٽ ۾ موجود انتهائي ضروري دوائن کانسواءِ دوائن جي قيمتن کي ڊرگ ايڪٽ 1976ع کان ڇوٽ قرار ڏنو ويندو ۽ ڊرگ پراسيسنگ پاليسي 2018ع ۾ ضروري ترميمون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ڊاڪٽر پاران مريضن کي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات تجويز نه ڪئي ويندي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات جي فهرست مروجه عالمي معيار موجب جوڙيندي ۽ ان حوالي سا?? صوبائي حڪومتن سا?? پڻ رابطي ۾ رهندي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي پهرين فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
نگران وفاقي ڪابينا پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ، پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل