اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ماسٽر پلان جي جائزي جي لاءِ وفاقي ڪميشن جي جوڙجڪ جلد کان جلد ڪئي وڃي، اسلام آباد جي شهرين کي پارڪنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پارڪنگ پلازا تعمير ڪيا وڃن، لاڳاپيل عملدار شهر ۾ ٽريفڪ ??ي دٻاءُ ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙين، اسلام آباد ماسٽر پلان تي نظرثاني وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وفاقي وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م کي اسلام آباد ۾ بائيسيڪل لينز منصوبي ۽ اسلام آباد ماسٽر پلان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ت?? بائيسيڪل لينز جو منصوبو اسلام آباد جي لاءِ هڪ ماحول دوست منصوبو آهي جنهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ??يو وڃي. نگران وزي??اع??م چيو ته اسلام آباد ماسٽر پلان تي نظرثاني وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي. نگران وزي??اع??م چيو ته اسلام آباد ماسٽر پلان جي جائزي جي لاءِ وفاقي ڪميشن جي جوڙجڪ جلد کان جلد ڪئي وڃي. نگران وزي??اع??م چيو ته اسلام آباد ۾ نئين رهائشي منصوبن جي لاءِ عمودي تعميرات کي ترجيح ڏني وڃي. نگران وزي??اع??م اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير جي لاءِ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ پاڻي جي مسئل کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م چيو ته اسلام آباد ۾ پارڪنگ جي مسئلي جي حل لاءِ پارڪنگ جي لاءِ مخصوص عمارتون تعمير ڪيون وڃن. اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي شهر ۾ ٽريفڪ ??ي دٻاءُ ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? بائيسيڪل لينز منصوبي ۾ 374 ڪلوميٽر لينز ۽ 150 پارڪنگ اسٽيشنز جي تعمير شامل آهي. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.
نگران وزيراعظم پاران اسلام آباد ماسٽر پلان جي جائزي جي لاءِ وفاقي ڪميشن جي جوڙجڪ جلد مُڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ