اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاع??ت، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي، آءِ ايم ايف کان ٻي قسط ملڻ سان رپئي جي ق??ر ۽ ادائيگين جي توازن جي صورتحال مستحڪ?? ٿيندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي کوٽ جي نتيجي ۾ ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عوام کي درپيش مالي مشڪلاتن کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير چيو ته فارن ڪرنسي جي اگهن جو دارومدار طلب ۽ پهچ تي آهي، نگران حڪومت قائ?? ٿيڻ کانپوءِ رپئي تي دٻاءُ هو، موجوده حڪومت ڪجهه انتظامي قدم کنيا، پشاور، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هُنڊي حوالا جي غيرقانوني ڪاروبار تي ضابطو آندو ويو. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان خاص طور تي ڪرنسي ايڪسچينج ڪمپنين ۾ ڍانچاجاتي سڌارا ڪري رهي?? آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو جائزو مڪمل ٿي وي?? آهي، قرض جي ٻي قسط ملڻ سان رپئي جي قدر ۾ بهتري ايندي ۽ ادائيگين جي توازن جي صورتحال پڻ مستحڪ?? ٿيندي.
موجوده حڪومت جي دور ۾ انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil