اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ?? ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي. سڄي دنيا ۾ ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي ڪشميري 27 آڪٽوبر (جمعي) کي ڪاري ڏينهن طو?? ملهائيندا. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارتي فوج غير قا??ون?? طو?? تي سرينگر ۾ لٿي هئي جنهن والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن تي ڏاڍ ۽ جبر، قبضي، مظلوميت ۽ تسلط جو باب شروع ڪيو. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طو?? ملهايو ويندو آهي ته جيئن ڀارت جي غير قا??ون?? قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي حوالي س??ن پنهنجن وعدن کي ياد ڪرائڻ آهي جيڪي ڪشميرين ج?? خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا. ڪشمير ميڊيا سروس رپورٽ مطابق ان ڏينهن ڀارتي غير قا??ون?? طو?? تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام طرفان مڪمل شٽر ڊائون ڪيو ويندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. ڪشميري عوام ۽ مهذب دنيا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي علائقي تي حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيادت هيٺ هندوتوا ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II