اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي ??راردادن موجب ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ پرعزم آهي، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا عالمي امن ۽ سلامتي جي ??اءِ هڪ سنگين خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم او آءِ سي جي ??فد جي ??اڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ او آءِ سي جي ??سلسل ڪوششن کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي ??ڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن ??ي ڏس ۾ ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کي او آءِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جي ??اڙ آهي، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ پرعزم آهي. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ڀارتي والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪشميرين حمايت جي ??اءِ سدائين او آءِ سي ۽ مسلمان امت طرف ڏٺو آهي. نگران وزيراعظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي ??اءِ هڪ سنگين خطرو آهي، انهن قوتن جو مقابلو ڪرڻ جي ??اءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. يوسف ايم الدوبي نگران وزيراعظم کي والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته او آءِ سي ڪشمير ڪاز جي ??اءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اءِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو انهي عزم جو اظهار ڪيو.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار