اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان سان ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو هدف آهي، ترجيحي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ جي لاءِ آذربائيجا?? جي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪندس. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي هو آذربائيجا?? جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، هي دورو ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار حصيداري جي اسا?? جي حڪومت جي پاليسي جو ح??و آهي. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون جون ??يون راهون کولڻ جي لاءِ آذربائيجا?? جي قيادت سان اهم ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو بنيادي هدف آهي. هن چيو ته اسا?? جي توانائي جي تحفظ جي پاليسي ۾ وچ ايشيا مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جي لاءِ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون ??ڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.
آذربائيجان سان ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو هدف آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری