اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يل??ي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چ??و آهي ته (ايم ا??ل – 1) پاڪستان ??يل??ي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ??يل??ي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستان ??يل??ي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ??يل??يز ۾ سڌارن ۽ مين لائين ون جي اپ گريڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ??يل??ي ۾ جاري سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ??يل??ي هنگامي بنيادن تي پنهنجي آپريشنز کي بحال ڪيو. هن وقت ??يل??ي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ ??يل??ي ٽڪيٽنگ جي نظام کي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو و??و آهي. اجلاس کي مين لائين ون (ايم ا??ل – 1) اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص طور تي منصوبي جي مختلف آپشنز ۽ مرحلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ??يل??ي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستان ??يل??ي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيل موٽرويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن ??ان عوام فائدو کڻي رهي آهي، پاڪستان ??يل??يز جي ٽيم جون ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بحالي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
ايم ايل – ون پاڪستان ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت