اسلام آباد -22 مئي (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 72هين سالگره جي موقعي تي هتي چيني سف??رتخاني ۾ پاڪستاني سف??رتڪارن سان گڏ ”چين پاڪستان بي مثال دوستي ۽ روشن مستقبل“ جي عنو??ن سان هڪ آجياڻي و??ري تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب جو خاص مهمان چيني سف??رتخاني جو ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، فارن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل مظهر جاويد آجياڻي کي خطاب ڪيو. آجياڻي و??ري تقريب ۾ چين ۾ پرڏيهي وزارت جي عملدارن چين ۾ اڳوڻن پاڪستاني سفيرن ۽ چيني سف??رتڪارن کان علاوه نوجوان پاڪستاني سف??رتڪارن به شرڪت ڪئي. پينگ چنڪسو چيني سف??رتخاني ۾ دوستن جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گهرن تاريخي پاڙن، ٺوس عوامي حمايت ۽ اهم عملي ضرورتن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته هن سال صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10هين سالگره ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهد??ري جي شروعات جي 10هين سالگره آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن پاران گڏيل ڪوششن س??ن سي پيڪ صنعت، زراعت، آءِ ٽي، قدرتي آفتن کان بچاءَ ۽ غربت جي خاتمي وغيره جي شعبن ۾ لاڀائتا نتيجا حاصل ڪيا آهن، جنهن پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي هٿي ڏيڻ، پاڪستان جي انفراسٽرڪچر کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ بهتري بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ بهبود، عوام وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ سبب سي پيڪ، چين پاڪست??ن سهڪار جو ناليو??ري سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ چين پنهنجي جديد ڪ??ري جي عمل کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي. چين پاڪست??ن سميت اسرندڙ ملڪن کي چيني جديديت ۾ نئين ڪاميابين سان گڏوگڏ نوان موقعا فراهم ڪندو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن طور چين ۽ پاڪستان ٻئي مسلسل ترقي جون راهون تلاش ڪري رهيا آهن، جيڪي انهن جي قومي حالتن مطابق آهن ۽ ٻنهي ملڪن عالمي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. چيني سف??رتخاني جي ناظم الامور چنڪسو چيو ته 5 مئي کان 6 مئي تائين چين جي رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير ڪن گينگ پاڪستان جو ڪامياب دورو ڪيو، جيڪو پاڪستان چين لاڳاپن ۽ چين پاڪستان هڪ موسمي تعاون جي شراڪتد??ري کي مضبوط ۽ وسعت ڏيڻ ۾ تمام گهڻي اهميت وارو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي سف??رتڪارن جي محنت، ڪوششن ۽ شراڪتد??ري لاءِ کنيل قدمن کي به ساراهيو. هن زور ڀريو ته چين ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ تي عملدرآمد لاءِ پاڪست??ن سان هٿ ملائيندو ۽چين پاڪستان دوستي جي عظيم مقصد کي اڳڀرائي سان مسلسل هٿي ڏيندو.
تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان چين ۽ پاڪستان جي بي مثال دوستي ۽ تعاون جي ڪاميابين ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳوڻن سف??رتڪارن جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني سف??رتخاني جي ڪمپائونڊ جي تبديلي خود ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي ڏيڻ جي شاهد آهي. چين پنهنجي سف??رتخاني جي ڪمپائونڊ پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي جيڪو فارن سروس اڪيڊمي بڻجي ويو ۽ نئون ڪمپائونڊ پرڏيهه ۾ سمورن چيني سف??رتخانن ۾ سڀ کان وڏو ڪمپائونڊ بڻجي ويو. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته چيني دوست هميشھ پاڪستان جي خودمختي??ري ۽ آزادي، مالي استحڪام ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ فراخدلاڻي مدد ۽ حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهد??ري سان پاڪستان جي معيشت ۽ معاشري ۾ خوشحالي ۽ ترقي ٿي آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان دل سان شڪرگذار آهي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10 هين سالگره ۽ سي پيڪ جي شروعات جي موقعي تي چين ۽ پاڪستان کي گڏيل طور ان يادگار لمحي کي ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻي چين پاڪستان دوستي جو جهنڊو سف??رتڪارن جي نئين نسل جي حوالي ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جا سف??رتڪار گڏيل مستقبل سان هڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان موقعي تي پاڪستاني نوجو??ن سفارتڪارن چيو ته تقريب ۾ استقبال تمام گرمجوشي و??ري ۽ متاثر ڪندڙ هئي، جنهن سان چين ۽ پاڪستان جي ب??ري ۾ انهن جي علم ۽ سمجهه ۾ واڌارو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي نوجو??ن سفارتڪارن جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.