اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آ??ريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متا??ر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ب??ڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آ??ريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ متا??ر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن ک??ن آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا