اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرپشن کي پاڙ کان پٽڻ جي ل??ءِ پرعزم، ٺوس ۽ مخلصاڻيون ڪ??شش??ن ڪرڻ سان ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان اڀري سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته معاشري جي سمورن طبقن جي ڪ??شش?? کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن نه آهي، ڪرپشن عدم استحڪام ۽ غربت جي فروغ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري ٿي. ڪرپشن ڪمزور ملڪن کي رياستي ناڪامي طرف وٺي وڃي ٿي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ بدعنواني جي خاتمي ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ بدعنواني جي سمورين صورتن کي ختم ڪ??ڻ، حڪومتي نظام ۾ شفافيت ۽ احتساب جي فروغ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ ضروري آهي. ڪرپشن اسرندڙ ۽ ترقي يافته ملڪن کي درپيش هڪ سنگين چئلينج آهي، اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن اسان جي قوم کي درپيش سنگين خطرن جي ذميوار آهي. هن چيو ته معاشري کي ان لعنت ??ان پاڪ ڪرڻ جي ل??ءِ مسلسل ڪ??شش??ن، موثر نگراني ۽ ڪنٽرول، پرعزم قيادت ۽ هڪ فعال معاشري جي ضرورت آهي. بدعنواني دفاع کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ اقتصادي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپشن قوم کي قيمتي ۽ ناياب سرڪاري ۽ نجي وسيلن کان محروم ڪ??ي ٿي. سماجي ۽ اقتصادي فرق پيدا ڪري ٿي ۽ اقتصادي ڍانچي کي کائي وڃي ٿي. ڪرپشن رياستي ادارن جي ڪمزوري جو به سبب بڻجي ٿي. صدر چيو ته بدعنواني جي خاتمي جو عالمي ڏهاڙو اسان کي بدعنواني جي خلاف جن?? ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪ??ي ٿو. بدعنواني جي خلاف جن?? ۾ ڪاميابي جي ل??ءِ پوري طرح پرعزم ٿيڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ذهانت، مهارت ۽ توانائين مان فائدو وٺڻو پوندو. معاشري جي سمورن طبقن جي ڪ??شش?? کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن نه آهي. بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ، بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اخلاقي قدرن، انصاف ۽ سڀني جي ل??ءِ هڪ جهڙن موقعن تي ٻڌل سڌارن ۾ سول سوسائٽي جو ڪردار اهم آهي. بدعنواني جي خاتمي ل??ءِ ٺوس ڪ??شش??ن موثر ۽ پائيدار ٿي سگهن ٿيون. بدعنواني کي منهن ڏيڻ، شفافيت جي فروغ لاءِ پارلياماني نگراني وڌائڻ سان گڏ قانونسازي انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته بدعنواني کي پرکڻ ۽ انصاف جي ادارن جي صلاحيتن کي وڌائڻ به ضروري آهي. هڪ مضبوط سول سوسائٽي ۽ آزاد پريس عوامي عهديدارن کي ان جي عملن جو ذميوار قرار ڏيڻ جي ل??ءِ اهم آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي بدعنواني کي روڪڻ جي ل??ءِ اهم ڌرين ۽ ماڻهن کي متحد ڪرڻ گهرجي.
ڪرپشن کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم، ٺوس ۽ مخلصاڻيون ڪوششون ڪرڻ سان ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان اڀري سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا