گلگت – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان جاري خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير موڪلي عالمي قانونن جي بدترين خلاف و??زي??ن ڪندي پنهنجو جبر?? قبضو قائم ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جي واديءَ تي 7 ڏهاڪن کان غيرقانوني ڀارت?? قبضو آهي. اڄ جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق غضب ڪيا. هندوتوا نظريي جي پيروڪار مودي حڪومت مظلوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙيا. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن سا?? گڏ آهي. خطي ۾ مستقبل امن جي لاءِ عالمي برادري گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيستائين مظلوم ڪشميري عوام ڀارت جي غاصباڻ?? قبضي کان آزادي حاصل نه ٿا ڪن.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ