اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مو??مي??تي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪ??تا?? سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪ??تا?? جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ سبب بي گهر ڪروڙين متاثرين جي ترجماني ڪئي آهي، ڪابينا جا ميمبر ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻن، قوم کي جلد معلوم ٿي ويندو ته ڪير ٻوڏ متاثرين جي خدمت ۽ ڪير سياست ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مو??مي??تي تبديلين جي ڪري ايندڙ تازي ٻوڏ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي جڏهن ته عالمي سطح تي مو??مي??تي تبديلين ۾ پاڪ??تا?? جو ڪو ڪردار نه آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري پاڪ??تا?? جي دوري جي موقعي تي اسان جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي، ڪنهن به ذميوار عهدو رکندڙ شخص ان کان اڳ اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪيون، لاڙڪاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل اسان جي ڪروڙين ماڻهن جو ترجمان بڻيو ۽ چيو ته خالي همدردي ۽ يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي نه آهن، عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پ??ڪ??تا?? سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهم عهدي تي رهندڙ شخص پاران اهڙيون ڳالهيون قابل غور آهن، هن ڏکويل انسانيت ۽ پيڙهيل عوام جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪابينا جا ميمبر پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پڻ ڪم ڪن جيڪو به ڪم ڪن جيڪو به ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهي رهيو آهي ان کي پنهنجي ۽ ميمبرن پاران سلام پيش ڪريان ٿو ۽ جيڪي ان خير جي ڪم ۾ پنهنجو حصو نه وجهي رهيا آهن انهن کي گذارش آهي ته اهي اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهن. هن چيو ته قوم کي چڱي ريت اها ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته ڪير انهن جي ڏک درد ۾ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير سير سپاٽا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ٻن هفتن ک??نپ??ءِ پاڻي لهڻ ک??نپ??ءِ اميد آهي ته ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿي ويندا، سرندي وارن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻهن کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن پاران ڪوششن تي انهن جا ٿورا مڃان ٿو پر انهن کي گذارش آهي ته اهي وڌيڪ پنهنجو حصو وجهن، هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر ان جو اجر به ملندو جيڪي ماڻهو ٻوڏ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن کان عوام چڱي ريت آگاهه آهي، وقت ايندو ته عوام انهن کان ان جو حساب وٺندي ۽ جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ان کي شاباس به ڏيندي.
موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے