اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موج?? وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي ??ارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان ??ردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان ??ينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري، اقتصادي ??عاملن وارو سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.
صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا