اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جاپا?? سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪم??ونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس ۾ انڊس موٽر ڪم??ني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان مل??قات ڪئي، پاڪستان ۾ جاپاني سفير مٽسو هيرو واڊا پڻ مل??قات ۾ موجود هو. 1989ع کان پاڪستان ۾ انڊس موٽر جي سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم لوڪلائيزيسن، نئين مصنوعات جي حوصلا افزائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز کي جلد متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم جاپاني ڌر تي زور ڏنو ته هو اهڙن موقعن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪار?? وڌائين. ان کان اڳ وزيراعظم سان جاپان جي اهم ڪم??نين جي وفد پن مل??قات ڪئي جنهن دوران وزيراعظم جاپا?? سان خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪم??ونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو. مل??قات ۾ توانائي واري واري وفاقي وزير خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ جاپاني ڪم??نين کي درپيس مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪم??ٽي پڻ جوڙي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia