اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي و??تي. اطلاعات واري و??ارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات واري و??ير جي شاندار آجيان ڪئي، کيس وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني و??ي. مريم اورنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. وفاقي و??ير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي فعال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خ??اف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت وزارت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي فراهمي جي لاءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اطلاعات واري و??ارت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اطلاعات واري و??ارت جا سمورا ادارا عوامي مفاد جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته اطلاعات واري و??ارت ۽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ رابطن جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو