اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم ??حه چيو آهي ته مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ??رڻ جي لاءِ مسلمان امت کي متحد ٿيڻ ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي هن فلسطيني عوام جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي فلسطينين جي زمينن تي قبضن، گهرن جي مسماري، نسلي امتياز ۽ نسل ڪشي جو سهارو وٺي رهيا آهن جيڪا لاڳاپيل عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ جي لاءِ اسان تي فرض آهي ته اسان يڪجهتي جي جذبي کي سگهه ڏيون ۽ القدس شريف جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ??رڻ جي اسرائيلي ڪوششن جو مضبوطي سان مقابلو ڪريون. او آءِ سي جي سيڪريٽري ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع ج?? ڀارتي غيرقانوني قدمن تحت والاريل علائقي جي خصوصي حيثيت کي ختم ??رڻ کي عالمي قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ ڪوششن کي ٻيڻو ??رڻ تي زور ڏنو. افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل امن، استحڪام ۽ ترقي جي مقصدن کي حاصل ??رڻ جي لاءِ افغان عوام سان ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل حسين براهيم ??حه چيو ته او آءِ سي يمن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي يقين رکي ٿي. هن يمن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان تعاون تي زور ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي جنهن تحت 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي.
مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو: او آءِ سي، سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II