ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ۽ روس ج?? نائب وز??راعظم اليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي. روس ج?? نائب وز??راعظم اليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خصوصي حوالي س??ن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جي لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪندي وز??راعظم عمران خان ان يقين جو اظهار ڪيو ته روسي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو پاڪستان جي بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو ??ڻنديون ۽ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وز??راعظم پاڪستان ۽ روس ج?? وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور واپار، سيڙپڪاري، ريلوي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ملاقات کانپوءِ وز??راعظم عمران خان آجياڻي تي پاڪستان ۽ روس ج?? ناليوارن ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مارڪيٽ طور واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. وز??راعظم چيو ته مارچ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي موقعن مان فائدو ??ڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وز??راعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس ج?? ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وز??راعظم ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.
وزيراعظم ۽ روس جي نائب وزيراعظم پاران ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ، واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن