اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ??ن ملڪ جي نوجوان?? کي اڳتي وٺي اچي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهي نوجوان ملڪ جو مث??ت چهرو سامهون آڻيندا، ڪامياب جوان پروگرام جي انعقاد تي سڄي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار محمد عثمان ڊار سان گڏ جناح اسٽيڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??اڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مين اسٽريم جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، فرخ حبيب چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي انعقاد تي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام 25 هزار نوجوان?? کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ڪامياب اسپورٽس پروگرام جي ذريعي نوجوان?? کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو آهي، هن چيو ته ??وجوان ڪامياب ٿيندا ته ??اڪستان ڪامياب ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته ??زيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ??ن ملڪ جي نوجوان?? کي اڳتي وٺي وڃون، اهي ئي نوجوان ملڪ جو مث??ت چهرو سامهون آڻيندا، هن چيو ته ??اڪي جي فروغ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان جي نوجوانن ۾ اسپورٽس جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، مملڪتي وزير چيو ته اميد آهي ته اهي ئي نوجوان سڀاڻي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان جو فوڪس آهي ته ??لڪي سطح تي اسپورٽس کي وڌيڪ نظر انداز نه ٿيڻ ڏيون، هن چيو ته ??وجوانن جو مستقبل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار عثمان ڊار چيو ته 17 سالن کانپوءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جون رونقون واپس آيون آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ اسپورٽس ايونٽ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ عورت رانديگر شريڪ آهن، عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي سئو کان وڌيڪ يونيورسٽين حصو ورتو آهي.
وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي اچي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا