اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻن دورن ۾ ڪرپشن کي قانوني طريقي سان تحفظ فراهم ڪيو ويو، جڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، عين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا، ملڪ ۾ اڄ مهانگائي ۽ ڪمزور معيشت جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي، (ن) ليگ رستن جي تعمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، وزيراعظم عمران خان سدائين چوندو رهيو آهي ته اسان کي مافيا آڏو آهي، هي اها مافيا آهي ج??هن جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، عمران خان رستن جي خلاف نه آهي، ڪرپشن جي خلاف آهي، (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ڪرپشن ڪئي، 1947ع کان 2008ع تائين پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو ج??هن کي آصف زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، جڏهن اسان قرض ??اپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض ??ٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي خودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان تمام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جو رت نچوڙيو ويو، اڄ جيڪي ماڻهو واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن ا??هن جي ڪري ئي پاڪستان جي عوام کي مشڪلاتون درپيش آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 4 ڊسمبر 2002ع تي ڊان اخبار ۾ هڪ خبر شايع ٿي ج??هن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد موٽروي جي لاڳت 60 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي. هن چيو ته موٽروي جي ڪل آمدني 45 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته 60 ارب ڊالر جي اها موٽروي ٺهي. هن چيو ته عمران خان رستن جي خلاف نه آهي، هو ڪرپشن جي خلاف آهي جيڪا رستن جي نالي تي ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ڪرپشن ڪئي، جڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، عين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا. هن چيو ته بدقسمتي سان ڦرلٽ جي ذريعي حاصل ڪيل پئسو ملڪ ۾ به نه لڳايو، اهو ٻاه??ئي?? ملڪ منتقل ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موٽروي تي ڊائيو ڪمپني کي رڳو 2 ارب ڊالر اسان وياج جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چيو ته موٽروي ضرور ٺهڻ گهرجي، رستن کانسواءِ ترقي جو تصور ئي نه آهي پر (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ رستن جي آڙ ۾ ڪرپشن جو ڪاروبار شروع ڪيو ج??هن جي ڪري ملڪي معيشت ڪمزور ٿي. هن چيو ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ميمبر گڏجي ڪرپشن ڪندا ته پوءِ قومون تباهه ٿينديون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته 1947ع کان 2008ع تائين 65 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين ان قرض کي 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، اسان ٽن سالن دوران 10 ارب ڊالر قرض ??اپس ڪيو. هن چيو ته اسان جڏهن به اڳوڻن دورن جا بجلي، رستن يا ترقي جا منصوبا ڏسون ٿا ته ڪرپشن جو هڪ پهاڙ سامهون اچي ٿو، شريف فيملي ۽ زرداري فيملي پاڪستان مان ڦريل دولت ٻاه??ئي?? ملڪ منتقل ڪئي، شهباز شريف تي 25 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي، اها رقم شهباز شريف جي ملازمن جي اڪائونٽس مان ا??هن کي منتقل ڪئي وئي، هي اهي ڪيس آهن جن ۾ ڦريل رقم جي اسان کي خبر آهي، ان کانسواءِ ڦريل رقم جي اسان وٽ معلومات نه آهي. هن چيو ته جڏهن اسان قرض ??اپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض ??ٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي خودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان تمام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جو رت نچوڙيو ويو. (ن) ليگ رستن جي تعمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، اها ئي اها مافيا آهي ج??هن جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، اڄ پيٽرول، ڀاڄيون، داليون مهانگيون ٿيڻ جو سبب اها ئي ڪرپشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته (ن) ليگ قانوني طريقي سان ڪرپشن کي تحفظ ڏنو، ا??هن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن موٽروي جو معاهدو ڪيو ته انهي وقت ??نڊ?? ذريعي ايون فيلڊ اپارتمينٽس خريد ڪرڻ جي لاءِ رقم ٻاه??ئي?? ملڪ موڪلي وئي، اسان ان ڪيس کي ٻيهر کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ج??هن ملڪ جي مجموعي بجيٽ جو سڀ کان وڏو خرچ قرضن جي واپسي هجي ته ان ملڪ ۾ مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ تيل درآمد ٿئي ٿو، ان جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل هونديون آهن، جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته ملڪ جي اندر قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان تي سبسڊي ڏيڻي پوي ٿي پر جيڪڏهن ملڪ تي قرضن جو بار هجي ته سبسڊي ڏيڻ ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ ڳوڙها ڳارين ٿا ته ڦرجي وياسين مري وياسين، ا??هن جي ڪري ئي اڄ مهانگائي آهي، واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ ا??هن ماڻهن جي ڪري پاڪستان ۾ اڄ عوام کي مشڪل صورت??ال درپيش آهي.
اڳوڻن دورن ۾ ڪرپشن کي قانوني طريقي سان تحفظ فراهم ڪيو ويو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر