اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت آڻ?? جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبو معيشت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جي فراهمي ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت نوجوانن ۽ عورتن کي ڪاروبار شروع ڪر?? ۾ سهولت ڏيڻ جي لاءِ آسان قرضن جو انتظام ڪيو آهي جنهن جي لاءِ انهن جي ره??مائي ڪر?? گهرجي، ملڪ جا وڏا معاشي اشاريا بهتر ٿيا آهن، روانگي واپار ۾ اضافي جي ضرورت آهي. هو اي??ان صدر ۾ گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اي??ڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ هيروز آف گوجرانوالا اي??ارڊز تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو. ان موقعي تي گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اي??ڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف معل پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، گوجرانوالا چيمبر جي ميمبرن، سرندي وارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اي??ڊ انڊسٽري جي واپار ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني قوم صدقو ۽ خيرات ڪر?? جي حوالي سان بي مثال آهي، ملڪ ۾ انهي جذبي سان ٽيڪس چوري ۽ بدديانتي جهڙين براين کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن ملڪي روانگي واپار جي فروغ لاءِ مصنوعات جي ويليو ايڊيشن تي زور ڏيندي چيو ته ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪر?? گهرجي، ان حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ ا??ڻ سان پاڻ پنهنجو فائدو ٿيندو. صدر چيو ته ڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪر?? جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت لاءِ هڪ سئو ارب رپيا رکيا آهن. اهڙي طرح عورتن جي لاءِ پڻ آسان قرضن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته انهن سهولتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن کي ره??مائي جي ضرورت آهي، ان حوالي سان چيمبر آف ڪامرس اي??ڊ انڊسٽري کي ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو پڻ ذهني صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن کان گهٽ نه آهن، انهن جي مناسب تعليم ۽ تربيت سان گڏ حوصلا افزائي ڪر?? جي ضرورت آهي ڇو ته معاشري جي سمورن طبقن جي شموليت کانسواءِ گڏيل ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته پاڪستان بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ره??و، ان مشڪل وقت ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ همدردي جو احساس ان حڪمت عملي جو اهم جز ره??و آهي. هن چيو ته گذريل 4 ڏهاڪن کان پاڪستان پاران لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني پوري دنيا جي لاءِ مثال آهي. ان کان اڳ گوجرانوالا چيمبرآف ڪامرس اي??ڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف مغل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تقريب جو مقصد گوجرانوالا جي هيروز کي ساراهڻ آهي. هن چيو ته گوجرانوالا پاڪستان جي روانگي واپار ۽ ترقي ۾ نمايان ادا ڪري ره??و آهي. هن ڪاروباري برادري سان مسلسل رابطو رکڻ ۽ مشاورت تي حڪومت کي ساراهيو. تقريب ۾ گوجرانوالا جي تعمير ۽ ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۾ اي??ارڊز ورهايا ويا.
نجي شعبو معيشت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جي فراهمي ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔