اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن م??جب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 78 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 20 ماڻهو ان وائ??س سبب فو?? ٿيا، جنهن مان 17 مريض اسپتالن ۾ ان وائ??س سبب فو?? ٿيا ۽ 3 مريض گهر?? ۾ ??رنطينه دوران ان وائ??س سبب فو?? ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 933 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 504، پنجاب ۾ 11 هزار 432، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 211، اسلام آباد ۾ 5 هزار 229 ، بلو??ست??ن ۾ 603 ، گلگت بلتستان ۾ 355، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 13 هزار 527 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلو??ست??ن ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 864 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائ??س سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 32 هزار 186 آهي.
يشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria