اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن لاءِ انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته تعميرات جي شعبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ڪو??ون?? وبا جي ڪري معاشي نقصان جي ازالي ۾ مدد ملندي، هو هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي آگاهه ڪيو ته 17 اپريل 2020ع کان هيستائين 877 رهائشي ۽ 10 صنعتي منصوبن جي تعمير لاءِ درخواستون مليون آهن، انهن مان 363 منصوبن جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن جو ڪل تعميراتي ماپو 12 ملين اسڪوائر فوٽ ٺهي ٿو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ سيمنٽ، اسٽيل، ٽائلز ۽ سير ??ميڪ جي وڪري ۾ چڱي خاصو اضافو ڏٺو ويو آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ??اغ??ن جي وقت سر جاچ پڙ??ال لاءِ مانيٽرنگ جو آن لائين نظام موجود آهي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي ۽ ان لاءِ تعميرات جي شعبي ۾ به خاص اهميت رکندڙ آهي.
وزيراعظم پاران سيڙپڪارن لاءِ انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی