اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پ??هن??ي گهر مان ئي ملي ويندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ڪري هاڻي بلاول کي سياست ۾ آندو آ??ي ته جيئن سندس ڪرپشن کي تحفظ ملي سگهي، بلاول ڀٽو پ??هن??ي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ علائقائي پارٽي بڻجي وئي آهي، مخالف ڌر ڪن کولي ٻڌي وٺي انهن کي اين آر او نه ملندو، مخالف ڌر جي نيب قانون بابت 38 ترميمن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آ??ي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ڪري ڇڏي آهي ته هڪ ارب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪ??نف??نس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زندگي ۾ هڪ رپيو نه ڪمايو، نه ڪنهن جي مدد ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، بلاول ڀٽو زرداري اسان کان جيڪي سوال ڪري رهيو آ??ي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پ??هن??ي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪائونٽ ڪنهن جو آ??ي، ڪراچي ۾ لاتع??اد ملڪيتون ڪنهن جون آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس انهن سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.
بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔