پشاور – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو مقص?? انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي جهنجهوڙڻ ۽ انهن کي ڀارتي ??الاريل ڪشمير ۾ ڪيل انسانيت جي تذليل کان آگاهه ڪرڻ آهي، سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ڀارت جي ان دعويٰ تي ڪاري ضرب آهي ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي، مهذب دنيا مودي جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جو نوٽيس وٺي رهي آهي. خميس ڏينهن پشاور پريس ڪلب ۾ ڪاري ڏينهن جي حوالي سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڄي پاڪستان جي پريس ڪلبن هر اول دستو بڻجي ميڊيا جي فورم تان ڀارتي ??وم آزادي جي موقعي تي ??شاور پريس ڪلب ۾ هندستان جو يوم بربادي ملهائڻ جو فيصلو ڪ??و آهي جيڪو خوش آئنده ۽ تحسين جي قابل آهي، هن چيو ته اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ??اڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريليون ۽ جلوس ڪڍيا پيا وڃن.
ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي جهنجهوڙڻ آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں