ل??هو?? – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي. ل??هو?? ايئرپورٽ تي پنجاب جي گورنر محمد رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، وفاقي وزيرن احسن اقبال، خوا??ه سعد رفيق، عابد شير علي، وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، م??لم ليگ (ن) جي سينيئر عهديدارن سميت سينيئر صحافين سهيل وڙائچ، افتخار احمد، سلمان غني، م??يب الرحمان شامي، غريده فاروقي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف استقبال جي لاءِ ايندڙ ماڻهن سان هڪ هڪ ٿي هٿ ملايو ۽ پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي وطن واپسي جي موقعي تي خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز پڻ ساڻس گڏ هئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف ل??هو?? ايئرپورٽ کان هيليڪاپٽر ذريعي پنهنجي رهائش جاتي امراءَ رائيونڊ جي لاءِ روانو ٿي ويو.
وزيراعظم ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری