اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ دنيا جي سڀ کان مهانگ?? بجلي بڻائڻ وارا پلانٽس لڳائڻ سبب بجلي جي في يونٽ پيداواري قيمت 15 روپيا 53 پئسن تائين پهچي چڪي آهي، بجلي جي پيداواري قيمت وڌڻ سان گردشي قرضن ۾ ماهوار 34 کان 36 ارب روپيا اضافو ٿي رهيو آهي، شهباز شريف جيڪو قائداعظم سولر پلانٽ لڳايو آهي ان ج?? بجلي في يونٽ 17 روپيا پئجي رهي آهي، ايتري مهانگي سولر بجلي جي پيداوار دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ناهي، اڳوڻي حڪومت نيپرا جي سفارشن ??ي باوجود به بجلي جي قيمت نه وڌائي جنهن سبب اهو بار به موجوده حڪومت جي لاءِ ڇڏيو ويو آهي. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ميڊيا سينٽر ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ ٻين معاملن بابت ??ريفنگ ڏئي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو