اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ت?? ڪو به پرڏيهي اڳواڻ عمران خان جي حلف برداري ۾ شرڪت نه ڪندو، نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري جي ت??ريب جو انعقاد سادگي سان ڪيو و??ندو. خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي ترجمان چيو ته عالمي مبصرين 2008ع کان پاڪستان ۾ چونڊن جو جائزو و??ي رهيا آهن، افغانستان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ رابطن ۾ تيزي آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ لاڳاپن ۾ بهتري ٿي آهي، هڪ چيو ته افغان مسئلي جو حل سياسي آهي ۽ ان مسئلي کي فوجي طاقت جي ذريعي حل نٿو ڪري سگ??جي?? افغان تڪرار جي پائيدار حل لاءِ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ