سيالڪوٽ – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت گذريل چئن سالن دوران انتشار پکيڙڻ جي ڪوششن جي پرواهه ??ه ڪندي ملڪ جي ترقي جو سفر جاري رکيو، ت??ان??ئي سميت مختلف چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو، 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي، يقين آهي ته مستقبل ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت به گهٽ ٿيندي جنهن سان صنعتون، زراعت ۽ گهريلو صارفين کي وڌيڪ فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي??لڪوٽ جي انٽرنيشنل ٽرمينل جي افتت??حي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ڪو به گرين فيلڊ ايئرپورٽ ڪامياب ناهي ٿيو، هي پهريون گرين فيلڊ ايئرپورٽ آهي جيڪو ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان ۾ بين الاقوامي ٽرمينل شامل ڪيو ويو آهي جيڪو نه رڳو ان علائقي پر پاڪستان جي لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ