اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي، اڄ عدالت ۾ عمران خان حيران ??ري ڇڏيو، سندس وڪيل چوي ٿو ته پاناما کي هڪ طرف ر??ي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي تقرير تي ڳالهايو، اسان ??يس وڙهڻ آيا هئاسين پاناما جو ۽ جواب ڏئي رهيا آهيون پارليامينٽ ۾ تقرير جو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ??الهائيندي هن چيو ته حيران ??ندڙ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جو موقف اڄ عدالت ?? اهو هو ته پاناما پيپرزڪيس کي هڪ طرف ر??و ۽ وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير تي ڌيان ??نو وڃي، هو پاناما ڪيس وڙهڻ آيا هئا جنهن سان وزيراعظم جو ڪو تعلق نه هو ۽ اهو ئي موقف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف جو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عدالتون ثبوتن تي فيصلا ٻڌائين ٿيون پر عمران خان ??ي عادت آهي ته هو عدالت ٻاهران هڪ عدالت هڻي ٿو ۽ ان ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ پاڪستان جي ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا