اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز افغان طالبان اڳواڻ کي مارڻ لاءِ پاڪستان جي علائقي ۾ ڪيل آم??يڪي ڊرون حملا ڪري پاڪستان جي خودمختيار جي ڀڃڪڙي تي آم??يڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جي ڪا به ڀڃڪڙي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. هن اهڙو ??ظه??ر پاڪستان جي دوري تي آيل آم??يڪي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وفد کي ٻڌايو ته 21 مئي تي بلوچستان جي علائقي ۾ آم??يڪا طرفان ڪيل ڊرون حملو نه رڳو پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي ۽ گڏيل قومن جي ضابطن ۽ پڌرنامن جي ڀڃڪڙي آهي پر ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي پڻ نقصان رسيو آهي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ