اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي ج?? لاءِ سمورن ملڪن خاص طور تي پاڙيسرين سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه نون مقرر ٿيل مختلف ملڪن جي سفيرن سان ڳالهائيندي چئي جن صدر کي ايوان صدر ۾ منعقد پروقار تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. 5 ملڪن جي سفيرن ۽ هڪ هاءِ ڪ??شن?? صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون، سندون پيش ڪندڙ ملڪن جي سفيرن ۾ برطاني?? جو هاءِ ڪ??شن?? ٿامس ڊريو، انڊونيشي?? جو سفير ڊاڪٽر آئيون سيودهي امري، جاپان جو سفير تاڪاشي ڪورائي، ارجنٽائن جو سفير آئيوان ايوانيسيوچ، ايڪواڊور جو سفير انجنيئر همبر ٽو ونيوز اروڊ رگيوز ۽ الٿواني?? جو سفير آدريس برزگا شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا