تهران _26 نومبر (اي پي پي ) ايران جي رهبر اعليٰ علي خامنه اي چيو آه?? ته ڏوهن واري عالمي عدالت جا غزه ۾ جنگي ڏوهن سبب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ڪافي ناهن، نيتن ياهو کي موت جي سزا ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ، علي خامنه اي تهران ۾ پاسدارن انقلاب جي م??يش??ا فورس (بسيج ) جي ميمبرن کي خطاب ڪن??ي غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي انسانيت خلاف ڏوهن جي نشاندهي ڪن??ي چيو ته نيتن ياهو خلاف گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو ويو آه?? ، اهو ڪافي ناهي کيس موت جي سزا ڏني وڃي . اسرائيلي قيادت جيڪا ان ڪم جي سربراهه آه?? ان لاءِ موت جي سزا جو فيصلو هجڻ گهرجي. شهرين جي رهائشي علائقن تي بمباري تي رد عمل ظاهر ڪن??ي ايراني اڳواڻ چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ ماڻهن جي گهرن تي بمباري ڪا فتح ناهي ، بيوقوف ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته عوام جي گهرن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪري انهن فتح حاصل ڪري ورتي آه?? . ڪو به ان کي فتح نٿو سمجهي اهي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آه??. فتح ناهي جنگي ڏوهه آه?? .عالمي عدالت 21 نومبر تي پنهنجي فيصلي ۾ اعلان ڪيو هو ته غزه ۾ جنگي ڏوهه ۽ انسانيت خلاف ڏوهن سبب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يوآئو گيلنٽ لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آه??.
اسرائيل جي وزيراعظم جي سزا ڦاهي آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : رومن دولت