گڏيل قومون-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت امدادي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) اتر غزه ۾ فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان گذريل ٽن هفتن کان ڪنهن به وقفي کانسواءِ جاري بمباري سبب علائقي ۾ هر طرف لاش وکريل آهن، امدادي ڪارروايون ناممڪن ٿي چڪيون آهن ۽ جي??ي ماڻهو زنده آهن ان??ن و?? موت جي انتظار کانسواءِ ڪو آپشن باقي ناهي بچيو. يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ ل??زا ريني سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته مسلسل اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب اتر غزه جي رهواسين کي خوراڪ، پاڻي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي ناممڪن ٿي چڪي آهي، اتي روڊن تي ۽ ملبي هيٺان لاش ئي لاش آهن ۽ ان??ن کي دفنائڻ ۽ زنده بچي ويلن کي امدادي جي فراهمي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، اتي موجود ماڻهو رڳو موت جو انتظار ڪري رهيا آهن، هو پاڻ کي نااميد ۽ اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ لمحو موت جي خوف ۾ زنده رهڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته اتر غزه ۾ اسرائيلي طرفان يو اين آر ڊبليو اي (انروا) جي عمارتن کي حملن جو نشانو بڻائڻ سبب اتي بي گهر، زخمي ۽ بي يارو مددگار ماڻهن جي مدد ناممڪن ٿي چڪي آهي. هن جو چوڻ هو ته غزه ۾ پنهنجي عملي طرفان فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪري رهيو آهيان جي??و ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ڇو ئي نه هجي ته جيئن ان??ن خاندانن لاءِ محفوظ انساني رستي کي ممڪن بڻائي سگهجي جي??ي علائقو ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا.
اتر غزه ۾ هر طرف لاش، سهولتون اڻ لڀ، گڏيل قومن جي امدادي ادارن طرفان فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada