گڏيل قومون -20 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته دوحه ۾ ٻن ڏينهن جي اجلاس کانپوءِ عالمي نمائندن جو افغانستان بابت ڪجهه اهم معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي . سي جي ٽي اين م??جب هن اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا اسان جي خواهش آهي ته ??و هڪ خودمختيار رياست جي واعدن ۽ عالمي ذميوارين کي نڀائڻ جي قابل ٿ??ن. هن چيو ته افغانستان جي حڪومت کي عالمي طور تي تسليم نٿو ڪيو وڃي ۽ گهڻن پهلوئن کان عالمي ادارن ۽ عالمي معيشت ۾ ضم نٿو ڪري سگهجي. ٻئي پاسي عالمي سطح تي افغانستان ۾ انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ نياڻين لاءِ بگڙجندڙ حالتن جو تاثر عام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ افغانستان جي اختيارين جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. انتونيو گوتريش جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چين، روس ۽ آمريڪا سميت 20 کان به وڌيڪ ملڪن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ افغان اختيارين شرڪت نه ڪئي. گڏيل قومن جي سربراهه م??جب افغان اختيارين پاران اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جيڪي شرط رکيا ويا هيا اهي قبول ڪرڻ جوڳا نه هئا.
افغان اختيارين جي غير موجودگي باوجود افغانستان جي مسئلي تي اتفاق راءِ ٿي ويو: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن