اسلام ??باد – 01 – مئي (ا?? پي پي) پاڪستان ۽ روس سفارتي لاڳاپن جي قيام ??ي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ مبارڪباد وارن خطن جي مٽاسٽا ٿي. پرڏيهي وزارت جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن. ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، توانائي ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن ?? تعاون نمايان آهي. ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مختلف گهڻ رخي فورمن تي پڻ مشاورت جو حصو آهن. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا پهرين مئي 1948ع تي قائم ٿيا.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب