بلوچستان ۾ مڪمل امن امان کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم


APP57-24 ISLAMABAD: July 24 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting of the National Development Council. APP

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۾ مڪمل امن امان کي يقيني بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي تعمير ۽ ترقي جو منصوبو نه رڳو بلوچستان پر پوري علائقي جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گوادر ۽ سي پيڪ جي منصوبن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته بلوچستان ۾ انفرااسٽرڪچر جي قيام تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل (قومي ترقياتي ڪائونسل) جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : loterias da caixa

متعلقہ مضامین