اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ملڪن سان سياسي، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو وڃي. هن اها ڳالهه ڏکڻ آفريقا جي لاءِ نامز هاءِ ڪمشنر ڊ??ڪٽر سهيل خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊ??ڪٽر سهيل خان کي هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا سان 1994ع کان سفارتي لاڳاپا آهن، هن نامزد هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ??ي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار جي فروغ تي زور ڏي، صدر وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريقا جي مينوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania