اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڌيان ف??مي صنعت جي بحالي ۽ ترقي تي آهي ۽ حڪومت پاڪستان فلم انڊسٽر?? جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڀارتي فلمن جي نمائش جي اثرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ موجوده پاليسي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني سئنيما ??نڊسٽر?? جي بحالي ?? فر??غ جي لاءِ ڪميٽ?? جي سفارشن جي روشني ۾ پاليسي جوڙي وئي آهي ته جيئن فلم انڊسٽري کي فروغ ڏئي قومي ثقافت کي وڌائي سگهجي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستاني فلم انڊسٽري کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناليوارن فنڪارن، پروڊيوسرز ۽ نمائش ڪندڙن سميت سمورين ڌرين شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال